ڀٽي سليم اختر

ڀٽي، سليم اختر: سليم اختر ولد محمد الياس ڀٽيءَ، پهرين فيبروري 1962ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. جيڪب آباد جي علمي ادارن مان تعليم حاصل ڪندي سن 1976ع ۾ بي اي ۽ 1989ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. هي چمڙي جو واپاري آهي. هڪ صحافي ۽ سماجي ورڪر جي حيثيت سان هن 1986ع کان ڪم شروع ڪيو. هي هفت روزه ”غريب نواز“ جيڪب آباد ۽ روزانه ”ستاره سنڌ“ جيڪب آباد جو ترتيبوار 1995ع ۽ 1998ع ۾ ايڊيٽر رهي چڪو آهي. هي ليدر مرچنٽ ايسوسيئيشن جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ۽ ميمبر چيمبر آف ڪامرس به رهي چڪو آهي. هڪ سيلاني شخص پڻ آهي. ان ڪري 1986ع ۾ ٿائيلينڊ، 1994ع ۾ تاشقند ۽ روس، 1996ع ۾ ايران، 1977ع ۾ انڊيا ۽ 1998ع ۾ سينگاپور جو مطالعاتي دورو ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو